اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فل??طي??، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي ??هي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهرين جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستاني عوام جي دل فل??طي?? ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، فل??طي?? ۽ لبنان جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ته اسرائيل جا فل??طي?? ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي ??ملا خطي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آهن. اسرائ??ل جو جارحاڻو رويو نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائ??ل جي جنگي جنون خطي جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، فل??طي?? ۾ 42 هزار معصوم شهرين جي قتلِ عام باوجود اسرائ??ل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿيو. اسرائيل جا هٿ فل??طي?? ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بزرگن جي رت سان رڱيل آهن. هن چيو ته اسرائيل فل??طي?? کان پوءِ يمن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آهي، اسرائ??ل جو جنگبندي کان اِنڪار خطي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائ??ل جي ناپاڪ مقصدن سان وچ اوڀر جي امن کي شديد خطرا درپيش آهن. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آهن. هن چيو ته مسلمان اُمت کي فل??طي??، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت کي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائ??ل جي ناپاڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ته اها جنگ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.