اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي، ته پوري قوم کي سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ايمان جو بنيادي جزو آهي، دين جا اصل ا??وا?? عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوقون کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. گذريل ڏينهن انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين عالم سڳورن سا?? ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو پوري قوم کي انتظار آهي، تفصيلي فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان جي ايمان جو بنيادي ايڪو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي ا??وا??ن سان مشاورت جي شروعات ڪئي آهي. اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي انهي مان نڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ ٻين ا??وا??ن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. دين جا اصل ا??وا?? عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوق کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. عالم سڳورن ۽ مشائخ?? ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو. رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف گڏ ٿيڻو آهي. عالم سڳورا ي??جه??ي ۽ اتحاد جو پيغام ڏيڻ ته ان جو اثر تمام گهڻو پوندو ۽ مضبوط پيغام ويندو، اسان کي اسلام جي نالي کي غلط استعمال ڪرڻ بند ڪرائڻو آهي، دهشتگردي بابت عالم سڳورن جي تجويزن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو. وفاقي وزير سا?? ملاقات ڪندڙن ۾ جمعيت اهل حديث جي ا??وا?? حافظ فاروق اعواڻ، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر آغا ??فت??ار نقوي، عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ضيا الحق ۽ مولانا عمران عطاري شامل هئا.