??سل??م آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ??سل??م آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چو??ڊو?? ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گه??و وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ??سل??م آباد، ڊپٽي ڪمشنر ??سل??م آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ??سل??م آباد لوڪل گورنمينٽ چو??ڊو?? جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ ??سل??م آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ ??سل??م آباد لوڪل گورنمينٽ چو??ڊو?? ڪرائڻ بابت گه??و وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر ??سل??م آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چو??ڊو?? ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.