ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ڪراچيءَ ۾ بحريه قبرستان ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گُل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جي جٿي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع جو ڏينهن اسان جي بهادر فوج دليري ۽ ج??نبازي جو مظاهرو ڪندي د??من جي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ج?? دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ت?? هن وقت ملڪ ۽ قوم کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. اسان سمورن چ??لينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قوم جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت هميشه وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.