اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل حالتن ?? زندگي خطري ۾ وجهي انسانيون حياتيون بچائڻ بهادري آهي، پنهنجي جان ??ي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور م??ب الله تي پوري قوم کي فخر آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان ??ي علائقي قلعه عبدالله ۾ ٻوڏ جي ريلي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي بچائيندڙ ايڪسڪويٽر ڊرائيور م??ب الله سان ڳالهائيندي ڪيو. هن محب الله کي 25 لک رپيا انعام ڏنو ۽ سندس ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ٻين سهولتن جو پڻ اعلان ڪيو. هن وزي??اع??م هائوس اچڻ تي محب الله کي ڀليڪار چيو. وزي??اع??م محب الله جي انساني حياتيون بچائڻ جي جذبي کي ساراهيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزي??اع??م يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزي??اع??م جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزي??اع??م چيو ته مون سميت پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. توهان جي انسانيت سان محبت جي جذبي جي دل سان قدر ڪريان ٿو. وزي??اع??م چيو ته توهان قوم جا هيرو آهيو، توهان همت سان ڪم وٺي قيمتي انساني حياتيون بچايون. اهڙين مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهي انساني حياتيون بچائڻ بهادري جو ڪم آهي. وزي??اع??م محب الله جي بهادري جي اعتراف ۾ کيس حڪومت پاران 25 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزي??اع??م محب الله جي ٻارن جي لاءِ يونيورسٽي تائين جي تعليم مفت ۽ ان ??ي خاندان کي صحت جي مفت سهولتن جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي محب الله وزي??اع??م سان ڳالهائيندي چيو ته توهان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. ماڻهن جون حياتيون بچائڻ وقت قطعي طور تي اهو نه سوچيو هو ته اها ڳالهه پوري ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندي. هن چيو ته وزي??اع??م ۽ حڪومت جو ٿورائتو آهيان ??و هن ان قدم کي ساراهيو ۽ منهنجي لاءِ قيمتي وقت ڪڍيو. وزي??اع??م هائوس ۾ وزي??اع??م پاران ??زت افزائي تي دل سان ??ن جو ٿورائتو آهيان.