اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پ??ڪس??ان برادر ملڪ ترڪيه سان واپار، سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار سميت مختلف ??عب?? ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏ??ڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه پ??ڪس??ان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پڪاسي سان الوداعي ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏ??ڻ لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدمن ۽ ثقافت جي عڪاسي آهن. ناڻي واري وزير ترڪيه جي واپار واري وزير جي قيادت ۾ واپاري وفد جي تازو پ??ڪس??ان جي دؤري جو به حوا??و ڏنو ۽ چيو ته ان دؤري دوران توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي جي ??عب?? ۾ نيون راهون تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي ترڪيه جي سفير پ??ڪس??ان ۾ قيام دوران پ??ڪس??ان حڪومت طرفان فراهم ڪيل تعاون ۽ حمايت کي ساراهيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ شين ۾ واپار جي گڏيل معاهدي جو به حوا??و ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي هدف جي حوالي سان اهم قدم آهي. هن حڪومتي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ذريعي وڌيڪ قدمن جي اهمي?? تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير عهدو ڇڏيندڙ سفير لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه وچ ۾ پائيدار دوستي لاءِ پنهنجو ڪردار ايندڙ وقتن ۾ به جاري رکندو. هنن گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.