اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 25 ا??ب ڊالر جي آءِ ٽي ??وا??گي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي منصوبن، آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۽ ڊيجيٽائيزيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي هيستائين اڳڀرائي اطمينان جوڳي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪورين ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ان جي تعميراتي ۾ مدي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ اضافو ٿيندو، 25 ا??ب ڊالر جي آءِ ٽي ??وا??گي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي پارڪ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته شهرين کي حڪومتي خدمتن جي لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن جي استعمال جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ دو??ان ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي پارڪ جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪورين ڪمپني آءِ ٽي پارڪ جي تڪميل جي مدي کي جون 2025ع کان گهٽ ڪري فيبروري 2025ع ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي، سي ڊي اي جون ٽيمون ڪم جي نگراني جي لاءِ باقاعدگي سان سائيٽ جو دورو ڪري رهيون آهن. اجلاس کي ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دو??ان ٻڌايو ويو ته اسلام آباد مان ڊيجيٽل سمارٽ سٽيز جو پائليٽ پراجيڪٽ جاري ڪيو پيو وڃي، شهرين کي اسلام آباد سٽي سپر ايپلي ڪيشن جي ذريعي 150 سروسز جي آسان پهچ هوندي. بريفنگ دو??ان اهو به ٻڌايو ويو ته موبائيل ايپلي ڪيشن جي ذريعي حڪومتي ۽ انتظامي خدمتن بشمول ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي، اسلام آباد پوليس، صحت ۽ تعليم جون سروسز ميسر هونديون. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي گذريل 5 مهينن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دو??ان ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ 30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل 5 مهينن ۾ ٽي لک شاگرد آءِ ٽي اسڪلز جي پروگرامز ۾ تربيت جي لاءِ رجسٽرڊ ٿيا، 4 نوان انڪيوبيشن سينٽر جاري ڪيا ويا. بريفنگ دو??ان اهو به ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري موبائيل فونز جي تياري ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ موبائيل استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ 8 لک جو اضافو ٿيو. وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي آءِ ٽي ??وا??گي واپار کي 25 ا??ب ڊالر تي پهچائڻ جي لاءِ آءِ ٽي شعبي سان لاڳاپيل سمورا ادارا گڏجي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي مختلف منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سان آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ مرحليوار اضافي تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دو??ان اهو به ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي ۾ 77 ملين ڊالر جي حڪومتي سيڙپڪاري سان آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ 2.5 ا??ب ڊالر جي اضافي جي اُميد آهي، ملڪي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن سان 10 ا??ب ڊالر، ٽيلي ڪام شعبي سان 2 ارب جڏهن ته حڪومتي قدمن سان آءِ ٽي ??وا??گي واپار ۾ 13 ا??ب ڊالر جي پرڏيهي ناڻي جي اُميد آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي سمورين خدمتن بشمول مالياتي، صحت، زراعت، تعليم، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون خدمتون موبائيل ايپلي ڪيشن جي ذريعي شهرين تائين پهچ جي لاءِ منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار ڀرٿ، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.