ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ا??حا?? ڊار ڪوئيٽا ۾ سالڊ ويسٽ م??ني??مينٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ڪالهه اربع ڏينهن نائب وزيراعظم ا??حا?? ڊار ڪوئيٽا ۾ جديد سالڊ ويسٽ م??ني??مينٽ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ صوبائي حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪوئيٽا ويسٽ م??ني??مينٽ جي منصوبي سان عوام کي صفائي سٿرائي جي بهتر سهولت ملندي.