اسلام آباد-12 جولاءِ (ا?? پي پي) سپريم ڪ??رٽ مخصوص سيٽن بابت درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي حقدار آهي. سپريم ڪ??رٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني بي??چ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جنهن ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين شامل هئا. چيف جسٽس چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 5 جي ڀيٽ ۾ 8 جي ??ڪث??يت جو آهي. فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. سپريم ڪ??رٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو. جسٽس منصور علي شاهه فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي. چونڊ نشان نه ملڻ ڪنهن سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي قانوني ۽ آئيني حق کي متاثر نٿي ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. سپريم ڪ??رٽ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن کي حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اميدوارن جي نالن جي فهرست فراهم ڪري، سپريم ڪ??رٽ جو فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيم??لي?? تي لاڳو هوندو.