ا??لا?? آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ تخته بيگ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اه??ڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي شهادت ماڻيندڙ اه??ڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان وڙهندي ملڪ جي خاطر شهات ماڻيندڙ پوليس اه??ڪار اعجاز ۽ ايف سي جي اه??ڪار شهزاد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون پاڪستان ۾ امن جي لاءِ لازوال قربانيون آهن. پاڪستان?? قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. هن چيو ته سڄ?? قوم دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ متحد آهي.