اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان پوليو جي خا??مي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پوليو جو خا??مو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، پوليو جي خا??مي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي سربراهه بل گيٽس ملاقات ڪئي. بل گيٽس وزيراعظم جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم جي هن سال رياض ۾ ٿيندڙ اجلاس جي موقع?? تي بل گيٽس سان پنهنجي ملاقات دوران کيس پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. وزيراعظم شهباز شريف بل گيٽس کي معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۾ اهم اڳڀرائي، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ بهتري، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ پوليو جي خا??مي جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم معيشت کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي قدمن جي لاءِ گيٽس فائونڊيشن جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پوري حڪومتي ڍانچي جي هڪ ڊيجيٽلائيزڊ ايڪو سسٽم جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ حڪومت عوامي ڀلائي جي اسڪيمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي قابل ٿيندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن ٻنهي جا ڪيترائي هدف آهن جن ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ، صحت جي سهولتن تائين پهچ ۾ اضافي، غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان موافقت ۽ مالياتي شموليت شامل آهي. وزيراعظم گيٽس کي مختلف ??عب?? ۾ اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهه ڪيو. پوليو جي خا??مي جي پروگرام جي لاءِ سڀ کان وڏو عطيو ڏيڻ تي گيٽس فائونڊيشن جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم پوليو وائرس جي وڌندڙ انفيڪشن جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ جامع حڪمت عملي ۽ پاڪستان ۾ ان بيماري کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ گهربل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن پوليو جي خا??مي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ملڪ مان پوليو جو خا??مو حڪومت اولين ترجيح آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پوليو ورڪرز کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم چيو ته جيستائين ملڪ مان پوليو جي مڪمل خا??مي تائين ان حوالي سان قومي سطح تي ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس. بل گيٽس ملڪ مان پوليو جي خا??مي جي حوالي سان مسلسل لگن ۽ ذاتي دلچسپي جي لاءِ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان يقين جو پڻ اظهار ڪيو ته مسلسل ويڪسينيشن ۽ حڪومت جي پختي عزم سان پوليو جي خا??مي جي مهم ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس ڊيٽا سائنس ٽولز ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي کي پاڪستانين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم وسيلا قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين نه رڳو پوليو جي خا??مي پر سمورن صوبن ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمورن پاڪستانين خا?? طور تي عورتن جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.