لاهور – 04 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزي??اع??م سان گڏ آهن. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزي??اع??م لي ڪي ڪيانگ جي خصوصي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيان موجب وزي??اع??م جو چين جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي ۽ پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزي??اع??م پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾چيني شهر شينزن ويندو. وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ جي لاءِ چين جي شهر شينزن ۾ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته وزي??اع??م چيني ون ونڊو آپريشن جي مشاهدي جي لاءِ نانشان ون ونڊو ۽ هواو??ي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪندو. وزي??اع??م دوري جي ٻئي مرحلي ۾ ??يج??گ ويندو جتي سندس چين جي اعليٰ قي??دت سان ملاقات ٿيندي. وزي??اع??م چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو. وزي??اع??م چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عهديدارن، مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ??يج??گ ۾ وزي??اع??م عوامي يادگار (پيپلز يادگار) جو دورو پڻ ڪندو. وزي??اع??م پنهنجي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان ويندو جتي مقامي قي??دت سان ملاقات سميت وزي??اع??م چين جي زرعي ترقي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مشاهدي جي لاءِ ماڊل فارمز ۽ گرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪندو. دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، اسٽريٽجڪ حصيداري پر واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع، قومي ۽ علائقائي سلامتي، توانائي، خلائي تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنر ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ مثبت رخ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.