اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سا?? جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو پنهنجي پاڪستاني هم منصب جي دعوت تي اسلام آباد جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس پارا?? جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ ستين اجلاس جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد ا??حا?? ڊار ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لا??ِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. هن اتر قبرص جي عوام جي جائز حقن جي لا??ِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. بيان موجب ٻنهي وزير?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ محصور فلسطيني عوام جي لا??ِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لا??ِ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان کي جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان واڳ??ل دوستي ۽ ڀائيچاري جي خصوصي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن جڏهن ته باقاعدگي سان ڳالهه ٻولهه ۽ اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي.