اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت جي بحالي کي پهرين ترجيح ۽ سعودي ??رب سان لاڳاپن کي دنيا جي لاءِ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ان سڌارا اچي رهيا آهن، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سعودي ??رب سان ??عل??ٰ سطحي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن العربيه نيوز چينل کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏ??اڪ?? تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي ??رب جو دنيا ۾ مثال نه آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن جا ڏک ۽ خوشي گڏيل آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجو سعودي ??رب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان گذريل 8 سالن ۾ مثالي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جيڪي سندس مدبراڻي فهم ۽ مثالي قيادت جي سبب ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جو مملڪت جو ويزن 2030ع دنيا جي لاءِ هڪ مثالي ماڊل آهي. سعودي ??رب سان ??عل??ٰ سطح جي تازن رابطن سان معيشت ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم جو سڀ کان پهرين سعودي ??رب جو دورو هڪ روايت رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ ??عل??ٰ سيڙپڪاري وفد جو پاڪستان جو دورو نئون سنگ ميل ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. ڪويت، گڏيل ??رب امارات، قطر، ترڪيه ۽ چين سان لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ پرعزم آهيون. دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. اسان جي حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي سنگين چئلينجز درپيش آهن، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ٻاهرئين قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ??ان سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن.