اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطي?? جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلا?? جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پاران فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي تازي اعلان?? جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اهي تازا اعلان فلسطيني عوام جي انه?? جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتا?? جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏنو آهي جنه?? جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل قوم?? جي ميمبر ملڪ?? جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطين کي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ ??ڪم?? ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي پنهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.