اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ??ه پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپو?? فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف سان ترڪ سيڙپڪار وفد ملاقات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپو?? فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪار شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.