اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌ??ئڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزي??اع??م ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزي??اع??م ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌ??ئڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ايران جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير وزي??اع??م جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايران جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.