اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت سرڪاري مل??يتي ادارن جي خساري ۾ گهٽتائي جي ل??ءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي مل?? جي سرڪاري مل??يتي ادارن جي ڪارڪردگي بابت رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سرڪاري مل??يتي ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ سان ڪنهن کي اختلاف نه آهي جڏهن ته انهن نقصانن کي ختم ڪرڻ بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نجڪاري واحد حل آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته پروفيشنل انداز ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ??ن بابت حتمي فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي. هن چيو ته 200 کان وڌيڪ ادارا خساري جو شڪار آهن،ا نهن ۾ پاور، فنان?? ۽ ??ميونيڪشن جا ادارا شامل آهن. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب انهن ادارن جو خسارو 730 ارب رپيا آهي، منافعو ڏيندڙ ادارن جو مجموعي منافعو 570 ارب رپيا هو. هن چيو ته نيٽ لاسز 160 ارب رپ??ن جي لڳ ڀڳ آهي، ??نهن نقصانن ۾ پاور سيڪٽر، پي آءِ اي، ??ين ايڇ اي، ??يلويز ۽ اسٽيل ملز شامل آهن. اين ايڇ اي جا نقصان 170 ارب رپ??ن جي لڳ ڀڳ هئا. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ نقصانن ۾ گهٽتائي جي ل??ءِ نمايان سڌارا ڪيا آهن. سيپٽمبر 2023ع ۾ رياستي مل??يتي ادارن بابت پاليسي منظور ڪئي وئي آهي انهن ادارن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ ناڻي واري وزارت سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ قائم ڪيو آهي. اين ايڇ اي سميت مختلف ادارن ۾ سڌارن جي ل??ءِ قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. وڌيڪ سڌارن بابت فيصلو ايوان ۽ چونڊيل حڪومت ڪندي. سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر محمد اڪرم، سينيٽر ڪامل علي آغا، سينيٽر صابر شاهه ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو پڻ ٻحث ۾ حصو ورتو. بعد ۾ پينل آف چيئرپرسن رٿ اڪلائي ڇڏي.