اسلام آباد _ 8 فيبروري (اي ??ي پي ) پاڪستان ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جي شروعات ٿي وئي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. 12 ڪروڙ 79 لک 21 هزار 49 رجسٽرڊ ووٽر 17 هزار 758 اميدوارن مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلن جي 855 تڪن تي پن??نج?? اميدوارن جي چونڊ ڪندا . قومي اسيمبلي جي هڪ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ٽن تڪن سميت چار چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي فوتگي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي . س??ي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عملو مقرر ڪيو ويو آهي . س??ي ملڪ ۾ 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2 لک 66 هزار 399 پولنگ يوٿ قائم ??يا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي غير سرڪاري نتيجو ريٽرننگ آفيسر جي آفيس مان جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيل مطابق پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندي۽ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي .