اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جي پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم ??هي?? وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ??ن ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو ??هي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ مشاهدو ڪيو ويو ??ه اليڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن امن امان جي بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون ??ام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ??هن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ به جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو ??هي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدياتي چونڊون ??رديءَ جي موسم ۾ ٿينديون ??هيون ??هن، انهن حقيقتن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.