اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پن??نج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حقيقتن تي هلو، جيڪڏهن شڪ هجي ته تصديق ڪريو، چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪريو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پن??نج?? ٽوئيٽ سان گڏ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس يلز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا چينل 92 نيوز تي 8300 (ايس ايم ايس) سروس تي اڌوري معلومات فراهم ڪرڻ بابت خبر صحيح نه آهي. اصل حقيقت اها آهي ته پولنگ اسٽيشنن جي فهرست جي حتمي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي وڃي ٿي ۽ هن وقت ووٽرز پن??نج?? شمارياتي بلاڪ ڪوڊ چونڊ فهرست ۾ سلسلي نمبر، خاندان نمبر، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ ن??بر ۽ پولنگ اسٽيشن جو نالو معلوم ڪر?? سگهن ٿا. هن وقت پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي تڪ وار شروعاتي ڇپائي ڪئي وئي آهي ۽ ان تي ووٽرز پنهنجا اعتراض ۽ تج??يز??ن ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ 11 جنوري 2024ع تائين جمع ڪرائ?? سگهن ٿا ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر 17 جنوري 2024ع تائين انهن اعتراضن/ تج??يز?? تي فيصلو ڏيندا. پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي حتمي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي ويندي. ڇپائي کانپوءِ 8300 (ايس ايم ايس) تي ووٽر جي مٿي ڄاڻايل دستا??يز?? جا تفصيل ڏنا وڃن ٿا. پوسٽل بيلٽ جو حق استعمال ڪندڙ ووٽرز گهربل معلومات لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيسن ۾ موجود چونڊ فهرستن تان حاصل ڪر?? سگهن ٿا.