اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي اهڙن حصن ۾ رستن جي ترجيحي بنيادن تي تعمير ۽ بحالي جي فوري ضرورت آهي جتي ٻاه??ئي?? سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ رستن جي نيٽ ورڪ تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي، ڪراچي کان چمن رستي جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو رڪيل ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوا?? کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري ن??را?? وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ، ناڻي واري ن??را?? وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، منصوبابندي واري ن??را?? وفاقي وزير سميع سعيد، نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ن??را?? وزيراعظ?? کي نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ن??را?? وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان نيش??ل هاءِ وي اٿارٽي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، رستن جو ڄار وڇائڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي جتي ٻاه??ئي?? سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي. ن??را?? وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن رستي جي نئين سر تعمير جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، ڪراچي – چمن رستي جي تعمير سان نه رڳو بلوچستان کي عوا?? کي فائدو ٿيندو پر ملڪ جي ٻين علائقن کي پڻ هڪ بهترين متبادل لنگهه ملندو. ن??را?? وزيراعظم چيو ته بهتر رستا ملڪ جي ترقي ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪن ٿا ان کي انگن اکرن ۾ ماپڻ مشڪل آهي. هن هدايت ڪئي ته نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوا?? کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي.