اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان 6 جنوري تي ڪابل جي علائقي دشت برچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي ج?? شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چي?? ويو آه?? ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام معصوم جانين جي زيان تي افغان عبوري حڪومت ۽ افغانستان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چي?? ويو آه?? ته پاڪستان هر ??سم جي دهشتگردي ج?? شديد مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ افغانستان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.