اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ عرب ناول جا جديد رجحان“ جي موضوع تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هي ڪانفرنس هڪ منفرد ۽ اهم ترين موضوع تي آهي جنهن کي منعقد ??رڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ پوري ٽيم کي مبارڪ??ن ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي ڪانفرنس وڏي اهميت واري آهي ۽ باقي ڪانفرنسن کان بلڪل منفرد آهي، جديد عربي ناول سان اسان جا ماڻهو اڻواقف آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊا??ٽر ناصر محمود ڪانفرنس ۾ شرڪت تي تعليم واري وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته تعليم وارو وفاقي وزير پاڻ هڪ ڄاتل سڃاتل علمي شخصيت آهي، تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سندس تعارف ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. وائيس چانسلر چيو ته سڄي دنيا جا اسلامي اس??ال??ز ان ڪانفرنس ۾ شريڪ آهن جيڪي پنهنجي تحقيقي مقالن ذريعي عرب معاشري جي حقيقي تصوير ڪشي ڪندا. ڊا??ٽر ناصر محمود چيو ته عرب جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي ٻولي تمام وسيع آهي جنهن سبب عرب معاشرو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. افتتاحي سيشن کي عالمي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي ٻولي جي سينئر استاد، پروفيسر ڊا??ٽر حبيب الرحمان عاصم، اوپن يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي و علوم اسلاميه جي ڊين پروفيسر ڊا??ٽر محي الدين هاشمي، عربي شعبي جي چيئرمين ڊا??ٽر عبدالمجيد بغدادي به خطاب ڪيو. پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ڪانفرنس جون سفارشون پيش ڪيون وينديون. ڪانفرنس جو بندوبست يونيورسٽي جي عربي شعبي (ڪليه عربي و علوم اسلاميه) ڪيو هو. هن ڪانفرنس ۾ عراق، سعودي عرب، مراڪش، مصر، اردن، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، عمان، الجيريا، نائيجيريا ۽ شام جي 13 اس??ال??ن فزيڪلي جڏهن ته 15 انٽرنيشنل اس??ال??ز آن لائن شريڪ ٿيا.