ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري ن??را?? وفاقي وزير ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر?? پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان عاڪف سعيد ۽ پاڪستان جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ن??را?? وزيراعظم جي خصوصي تي سندس ٿورا مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ن??را?? وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ سطح تي ڪاروبار جاري اهي. ملاقات جي شرڪت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پرو??را?? جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. ن??را?? وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ن??را?? وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ن??را?? وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. ن??را?? وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي سان پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.