اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ??ائ??يريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملا??ات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ائ??يريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??ائ??يريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، ??ائ??يريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ??ائ??يريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گه??جن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي ??ائ??يريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.