اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پا??ستان جي رياست، حڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي تي پا??ستان جي حڪومت، رياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پا??ستان جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پا??ستاني ق??م جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پا??ستان جي سمورين سياسي پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته پا??ستاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پا??ستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته پا??ستان جي رياست سدائين کان فلسطين جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پا??ستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پا??ستان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پا??ستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لا??اپ?? نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان جا سفارتي لا??اپ?? آهن پر فلسطين جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لا??اپ?? قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پا??ستان جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پا??ستان 1967ع کان اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، پا??ستان جي رياست، حڪومت ۽ عوام ان معاملي تي فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.