اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني او آءِ ??ي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??ده ۾ آهي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وز??ر او آءِ ??ي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وز??رن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وز??ر انهن سان مشاورت دوران غزه ۾ اسرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات سان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي سان نگران پرڏيهي وز??ر او آءِ ??ي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پ??ڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ ??ي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ ??ي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967?? کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.