اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ??جي ۽ سرڪاري شعبي جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??جي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ميڊيا ۽ ٻيون ڌريون ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ مدد ڪن، عورتن کي حياتي کسيندڙ مرض جي جلد تشخيص، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو سيمنز هيليٿائزز جي وفد سان ملاقات ?? ڳالهائي رهيو هو. صدر صحت جي شعبي ۾ چئلي??جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي آگاهي، صحت جي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر شروعاتي اسڪريننگ، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ ۽ بهتر طبقي خدمتن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته ??جي شعبي جا حصيدار ميڊيا مهم ۽ تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپس ۽ سيمينارز من??قد ڪرڻ جي ذريعي شعور بيدار ڪرڻ ۾ اهم ادا ڪري سگهن ٿا. صدر آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جا پروگرام منقعد ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪ??م ڪمپنين جي ڪ??دار کي پڻ ساراهيو. پهرين آڪٽوبر کان ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آڊيو آگاهي پيغام هلايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجو معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي مشورو وٺڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي. صدر چيو ته ميڊيا هائوسز مارننگ ۽ ٽاڪ شوز کانسواءِ بيداري جي لاءِ پيغام نشر ڪن، ڇاتيءَ جي ڪينسر کانپوءِ جي مرحلن ۾ علاج سان واڳيل خرچن کي وقت سر تشخيص سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو.