اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته قانون کي ڌوڪو ڏئي ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي، پي ٽي آءِ چيئرمين پن??نجي بچاءَ ۾ ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، پرامن احتجاج ڪنهن ??ه سياسي جماعت يا ڪارڪن جو جمهوري حق آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو، عوام کي هر ڀيري بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، عدالتون موجود آهن، الزامن جو جواب ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي. بي بي سي ورلڊ کي پن??نجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي موجوده گرفتاري جو پاڪستان جي سياست سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي هي سياسي انتقام جي ڪا ڪارروائي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ۾ سمورا مرحلا پورا ٿيا، ٽرائل ڪورٽ فيصلو ڏنو جنهن ??ي کيس گرفتار ڪيو ويو. ان ڪري ان جو سياست ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پن??نجي دفاع ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان تي الزام هو ته هن ??ختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ان کان رياستي تحفن بابت پڇيو ويو ته هو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو. ان کان علاوه وڌيڪ 4 ڪيس 19 ڪروڙ برطانوي پائونڊن جي چوري، سائفر، 9 مئي جي سانحي ۽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ به ٽرائل ڪورٽ ۾ آهن. هن چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب وفاقي وزير چيو ته هڪ اهڙي شخص کي کليل ڇوٽ نه ٿي ڏئي سگهجي جنهن ??ختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي. هن چيو ته ع??را?? خان جي گرفتاري جو چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، ان جي گرفتاري عدالتي حڪمن تي ٿي آهي. هن چيو ته جڏهن 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو هو ته چونڊون بلڪل ويجهو هيون، کيس ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو هو. هن چيو ته ع??را?? خان پن??نجي دور ۾ سڀني سياسي حريفن کي جيلن ۾ وڌو. هن پن??نجي اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو، پر اسان ايئن نه ڪيو. هن چيو ته عدالتون موجود آهن، قانون پن??نجو رستو پاڻ بڻايو ۽ ع??را?? خان قانون کان ڀڄندو رهيو. هو عدالت جي سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته اسان ڏٺو آهي ته جڏهن ??ه عدالت کيس طلب ڪيو ته زمان پارڪ ۾ صورتحال خراب ٿي، جوڊيشل ڪامپليڪس تي حملو ڪيو ويو، پوءِ 9 مئي جو سانحو پڻ ڏٺو، هن ??خص 15 مهينن تائين قانون کان فراريت اختيار ڪئي. هن چيو ته جڏهن ??دالت ڏٺو ته ڪنهن ??ه شڪ شبهي کان سواءِ بدديانتي ثابت ٿي وئي ته هن پن??نجو فيصلو جاري ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته قانون ۾ پن??نجي عملن جو جواب ڏيڻو پوي ٿو، ان جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. ع??را?? خان 9 مئي جي منصوبا بندي ڪئي، حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، قومي ٺڪاڻن، اسپتالن، ايمبولينسن کي باهيون ڏياريون، هن چيو ته ڪيپيٽل هل تي به حملا ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو ملوث هئا انهن کي سزا ملي چڪي آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو عدالت ۾ ڏوهي ثابت ٿي چڪو آهي. ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ٽرائل ڪورٽ ۾ جاچ جو عمل مڪمل ٿيو. ع??را?? خان کي 40 پيشين ذريعي ڪافي موقعا ڏنا ويا پر هو فقط 3 پيشين تي پيش ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان جي گرفتاري جي ڀيٽ نواز شريف سان نه ٿي ڪري سگهجي. جڏهن ??ه نواز شريف تي الزام هو ته هو پن??نجي دفاع ۾ پيش ٿيو. نيب جون 150 پيشيون ڀوڳيون، حساس ٺڪاڻن کي باهيون نه ڏنيون ۽ نه ئي ڪنهن ??يمبولينس، اسپتال، مسجد يا اسڪول کي ساڙيو. هن چيو ته نواز شريف تي جڏهن ??ه الزام لڳو ته هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو. هن چيو ته قانون کي ڌوڪو ڏئي هيٺاهون ڏيکاري ۽ ادارن تي حملي آور ٿي ڪيسن کان بچي نٿو سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام کي هر ڀيري اوندهه ۾ نٿو رکي سگهجي. ع??را?? خان قانون کان بچڻ لاءِ تشدد کي هوا ڏني، پن??نجي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو، پوليس، رينجرز ۽ رياستي ادارن تي حملي آور ٿيو. ٻارن ۽ عورتن کي ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ته اسان کي قومي مفادن تي واضح لڪير ڪڍڻي پوندي آهي. جڏهن ??ه ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو، جيڪو به ان ۾ ملوث هو ان کي سزا ڏني وئي. ان لاءِ قومي مفاد ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن جي معاملي ۾ واضح فرق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ع??را?? خان تسليم ڪيو آهي ته هي سڀ ان جي هدايتن تي ٿيو. ع??را?? خان 9 مئي جي هن پوري واقعي جو ماسٽر مائينڊ آهي، ان لاءِ هيئن نه ٿو چئي سگهجي ته ڪريڪ ڊائون ڪنهن ??ياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ع??را?? خان پن??نجي چئن سالن ۾ پن??نجي سياسي مخالفن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو، هن پارليامينٽ جون پهرين 2 صفون جيل ۾ بند هيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ع??را?? خان جي گرفتاري ۾ سياسي پهلو جي عنصر کي رد ڪندي چيو ته ڪنهن ??ياسي طرز عمل ع??را?? خان کي ٽرائل ڪورٽ مان پن??نجي دفاع سان نه روڪيو. ع??را?? خان کي ٽرائل ڪورٽ جي 40 پيشين ۾ ثبوت پيش ڪرڻ گهرجي ها پر هو چئي چڪو آهي ته کيس خبر ئي ناهي، جڏهن ??ن کان رياستي تحفن جو پڇون ٿا ته هو چوي ٿو ته ملٽري سيڪريٽري کي خبر هوندي، اهو ئي منهنجي تحفن کي خريد ۽ وڪرو ڪندو هو. جڏهن 190 ملين پائونڊن جو پڇيو وڃي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي ڪابينه جوابده هئڻ گهرجي، جڏهن 9 مئي جي فسادن جو پڇو ويو ته چوي ٿو ته منهنجي ڪارڪنن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ??ي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ جڏهن معيشت جو پڇيو ويو ته چوي ٿو ته مون وٽ ٽيم سٺي نه هئي. هن چيو ته ع??را?? خان ملڪ جو وزيراعظم هو ان وٽ اختيار هو هن ??اتي حيثيت سان رياستي تحفه خريد ڪيا ۽ کين پن??نجي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو. کيس ڪنهن ??وڪيو هو ته هي تحفه ظاهر نه ڪري. جيڪڏهن ??ڄو معاملو شفاف هجي ها ته سڀ ڪجهه اثاثه ظاهر ڪرڻ واري فارم ۾ موجود هجي ها. وفاقي وزير چيو ته ع??را?? خان پهرين تحفه وڪرو ڪيا ۽ ان کان پوءِ خريد ڪيا. هن وٽ رسيدون به ناهن. هن چيو ته ع??را?? خان جي گرفتاري سياسي ناهي، ع??را?? خان ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪنهن ??ه سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو. ان جي چوري ثابت ٿي انهي لاءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. ع??را?? خان جي گرفتاري تي ڪارڪنن جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ماڻهن کي بار بار بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، پاڪستان جو عوام ڄاڻي چڪو آهي ته ع??را?? خان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ کان قاصر رهيو. عوام کي خبر آهي ته سياسي استحصال ۽ انتقام ڇا ٿيندو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي خبر پئجي چڪي آهي اوهان هر شخص کي هر ڀيري دوکو نٿا ڏئي سگهو. هن چيو ته جڏهن کان ع??را?? خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڪو به احتجاج ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. هاڻي هو جيل م آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا ته کين احتجاج ڪرڻ جي آزادي آهي پر اسان ڪنهن کي به روڊن تي نه ڏٺو. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي احتجاجن تي گرفتار نٿا ڪيون، اسان هڪ واضح فرق رکيو آهي، اسان ع??را?? خان وانگر فاشسٽ حڪومت ناهي ڪئي، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. اسان اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي جا متاثرن مان آهيون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن ????را?? خان وزيراعظم هو ته پارليامينٽ جي بئنچن تي پهريون ٻه صفون جيلن پٺيان هيون، ان وقت ع??را?? خان کي عالمي تنظيمن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو جڏهن هن ??نظيمن اظهار راءِ جي آزادي جي معاملي ۾ اسان جي دور ۾ پاڪستان جي ريٽنگ 7 درجا بهتر ٿي آهي. هن چيو ته ع??را?? خان جي دور ۾ پوري اپوزيشن جيلن ۾ هئي، اسان ڪنهن ??سپتال يا اسڪول تي حملو نه ڪيو. اسان جا ميلن تائين ڊگها پرامن احتجاج ٿيندا هئا پر اسان ڪنهن ??ه عمارت، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ايمبولينس، اسڪولن، ۽ اسپتالن تي حملا ٿيندي نه ڏٺا. هن چيو ته هي نئون رجحان آهي مون پهريون ڀيرو ڏٺو ته ڪنهن ??ياسي پارٽي پيٽرول بمن جو استعمال ڪيو.