پشاور – 01 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير????ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. و??ير????ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير????ظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پشاور جو دورو ڪيو. دوري دوران و??ير????ظم کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال سميت خار خودڪش ڌماڪي، جاچ تي اڳڀرائي، منصوباسازن، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي وچ ۾ رابطن جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. و??ير????ظم خودڪش ڌماڪن ۾ افغان شهرين جي ملوث هجڻ، سرحد پار کان م??صوم شهرين تي بزدلاڻي حملن جي منصوبابندي ڪرڻ ۽ پاڪستان دشمن عنصرن جي ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي و??ير????ظم چيو ته افغان عبوري حڪومت کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. و??ير????ظم چيو ته دهشتگردن جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، قوم جي تعاون سان سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته بزدلاڻي حملن جي ذميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو. و??ير????ظم زخمي ماڻهن کي خار کان پشاور منتقل ڪرڻ جي لاءِ پاڪ آرمي جي هنگامي ڪوششن کي ساراهيو. و??ير????ظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف علاج هيٺ زخمي ماڻهن جي عيادت جي لاءِ سي ايم ايڇ جو پڻ دورو ڪيو ۽ انهن کان صحت بابت معلوم ڪيو. و??ير????ظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي مڪمل صحتيابي تائين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير????ظم خار خودڪش ڌماڪي جي ??تا??رين جي خاندانن کي يقين ڏياريو ته قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ انهن سان گڏ بيٺل ??هي ۽ انهن جي نقصان ۾ برابر جي شريڪ آهي. ان کان اڳ ڪور ڪمانڊر پشاور و??ير????ظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جو پشاور پهچڻ تي استقبال ڪيو.