پشاور – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونير يونيور??ٽي جي هوشيار شاگرد کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريو. يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ ۽ فاٽ?? يونيور??ٽي جي افتتاحي تقريب ۾ بونير يونيور??ٽي جي هوشيار شاگرد رح??ان علي کي به خطاب جو موقعو ڏنو ويو. رح??ان علي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم جي ليپ ٽاپ اسڪيم کي ساراهيو ۽ چيو ته هي ليپ ٽاپ نه پر هڪ خزانو آهي مون به ليپ ٽاپ وٺڻ چاهيو پئي پر منهنجي والد جي لاءِ گهر جي خرچن سان گڏوگڏ ليپ ٽاپ خريد ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي هن اسڪيم تحت مون کي به ليپ ٽاپ ملي رهيو آهي، جنهن جي مون کي تمام گهڻي خوشي آهي. ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جو مستقبل آهن. سڀاڻي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي انشاءَ الله اه?? ئي ماڻهو ويهندا، رح??ان علي جي انهن جملن تي وزيراعظم شهباز شريف سميت هال ۾ موجود سمورن ماڻهن تاڙيون وڄائي ان کي داد ڏنو. وزيراعظم پنهنجي سيٽ تان اٿي رح??ان علي کي ڀاڪر پاتو ۽ ان سان شفقت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ رح??ان علي کي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.