اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته مادر ملت فاطمه جناح پاڪستا?? جي آزادي واري جدوجهد ۾ مک حيثيت رکندي هئي، پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مادر ملت فاطمه جناح قائداعظم جي زندگي جي ڏکين ۽ مشڪل مرحلن ۾ هڪ اهڙي ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو جنهن قائد کي هميشه همت ۽ حوصلو ڏنو ۽ سندس مقصد لاءِ ا?? جي جدوجهد ۾ طاقت بڻجي بيٺي. ه?? چيو ته جڏهن ملڪ کي ان جي ??يادت جي ضرورت پئي ته هن ماڻه?? جي خدمت لاءِ آمريت سان مهاڏو اٽڪايو. هن سياست کي محنت، لگن ۽ ذاتي عرض کا?? هٽي بنيادي اصولن تي هلائڻ واري نظرئي جي ??يروي ڪئي. جيڪو ذاتيات کان وڌيڪ قوم جي خدمت تي ٻڌل هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم مادر ملت کي ا?? جي 56هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.