اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تربيت يافته پي??اميڊيڪل اسٽاف جي سهولت لاءِ بل 2023ع ج?? توثيق ڪري ڇڏي جنهن تحت اسلام آباد جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ ٻارن کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ تربيت يافته پي??اميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي لازمي قرار ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اسلام آباد جا سمورا نجي اسڪول پنهنجي اڱڻ ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پي??اميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندا. وفاقي حڪومت سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ضرورت موجب ٻارن کي ميڊيڪل امداد جي فراهمي لاءِ پي??اميڊيڪل اسٽاف جي دستيابي يقيني بڻائيندي. خلاف ورزي جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک تائين ڏنڊ ۽ بعد ۾ 6 مهينن تائين قيد جي سزا ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين ج?? آرٽيڪل 75 تحت ڪئي آهي.