اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زرا??ت، سولرائيزيشن ۽ نوجوانن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، بجيٽ 24 – 2023ع حڪومتي ترجيحن جي عڪاسي ڪري ٿو، اقتصادي پاڻڀرائيپ حاصل ڪرڻ حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ماهر بجيٽ 24 – 2023ع جي مختلف رخن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ۽ تجزيا پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورت ۾ آئون بجيٽ ۾ حڪومت جي واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل خصوصي قدمن کي اجاگر ڪرڻ چاهينديس. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، زرا??ت، شمسي توانائي تي منتقلي، نوجوانن جي ترقي ?? ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ قدم تمام غور فڪر کانپوءِ تجويز ڪيا ويا آهن ۽ انهن جو مقصد هوشيار نوجوانن ۾ جدت پيدا ڪرڻ، ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪرڻ، زراعت جي پيداوار وڌائڻ ۽ زرعي صنعت ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم چيو ته ان سان گڏوگڏ حڪومت توانائي حاصل ڪرڻ جي سستي ذريعن ۽ شمسي توانائي تي منتقلي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سستي توانائي اقتصادي ترقي ?? عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته روس کان خام تيل حاصل ڪرڻ به انرجي سيڪيورٽي پلان جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته داخلي ۽ عالمي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن جي باوجود بجيٽ 24 – 2023ع ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اهڙي صورت ۾ جڏ??ن ته معيشت ٻاهرئين صورتحال کان متاثر آهي، حڪومت اقتصادي پاڻڀرائپ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.