اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قوم?? جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچي?? جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪ?? جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪ افغانستا?? جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغانستا?? جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستا?? جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ??ي لاءِ سمورين ڪوشش?? جي حمايت جاري رکندو.