اسلام ??با??- 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلام ??با?? جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلام ??با?? ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي سفيرن، سياسي اڳواڻن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن پڻ صدر مملڪت سان گڏ فيصل مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي. صدر مملڪت عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي اسلام ??با?? جي فيصل مسجد، ملڪ جي ٻين مسجدن ۽ عيد??اه?? ۾ ٿيل عيد نماز جي اجتماعن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ ڀا??ت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.