اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، عالمي معاشي بحران سان پاڪستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ ??ريڊ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته پاس آئوٽ ??يندڙ ڪيڊٽس ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ فضائيه جي اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار ۽ ڊسيپلين ڏسي خوشي ٿي آهي. پاس آئوٽ ??يندڙ ڪيڊٽس مستقبل جو اثاثو آهن، انهن ڪيڊٽس کي ڪاميابي، انهن جي مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ عزم جي ڪري ملي آهي. پاڪ فضائيه ڪنهن به چئلينج ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پاڪ فضائيه سڄي دنيا ۾ بي مثال مهارت رکندڙ آهي. هن ??يو ته پاڪ فضائيه فيبروري 2019ع ۾ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ شدت پسندي درپيش هئي. پاڪ فضائيه سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان ناسور ج?? بهادري سان مقابلو ڪيو، سڄي قوم پاڪستاني فوج جي پـٺيان بيٺل آهي، اميد آهي ته هٿياربند فوج سدائين قوم جي خواهشن تي پورو لهندي. هن ??يو ته دنيا کي موسمياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. پاڪستان کي معاشي مسئلا درپيش آهن، معيشت کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ ميثاق معيشت چاهيون ٿا. عالمي معاشي بحران سان پاڪستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداس??ن، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي وينديون، الله تعاليٰ ملڪ جي ترقي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق ع??ا فرمائي. هن ??يو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن ??يو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪشميرين جو پراڻو تڪرار ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ڇو ته ان تڪرار کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. وزيراعظم ??يو ته سڀني ملڪن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. خطي ۾ امن جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين. هن ??يو ته بهتر??ن، منظم ۽ پيشيور پاڪ فضائيه جي سربراهي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. هن گارڊ آف آرنر جو معائن?? به ڪيو. تقريب ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.