اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليزلي اسڪينلون ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقا?? ۾ ??اڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪئناڊا سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ واپ??ر ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقا?? ۾ ??ن پاڪستان مان افرادي قوت ڪئناڊا کي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڻ اميد جو اظهار ڪيو.