اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان گڏيل عرب ??ما??ات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات بائيو ٽيڪ جي چيئرمين ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي حڪمران خاندان جي ميمبر شيخ احمد دلموڪ المڪتوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ ??فد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ??فد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پ??ڪس??ان گڏيل عرب ??ما??ات سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم حيات بائيو ٽيڪ پاران پ??ڪس??ان جي فارماسيوٽيڪل سيڪٽر خاص طور تي ويڪسين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن دورو ڪندڙ ??فد کي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب پڻ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. شيخ احمد دلموڪ المڪتوم چيو ته هو پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کان آگاهه آهي. هن چيو ته گڏيل عرب ??ما??ات توانائي ۽ صحت جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن پ??ڪس??ان ۾ گڏيل عرب ??ما??ات جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. معزز مهمان وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي تعاون سان شروع ڪيل 1200 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ منصوبي بابت پڻ ٻڌايو جيڪو شمسي ۽ هوا سان توانائي جو هڪ هائبرڊ پاور پلانٽ هوندو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، نيشنل هيلٿ سروسز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.