اسلام آباد ??? 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپ?? يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني ??انڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني ??سئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي اهڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپ?? يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ??يندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپ?? يونين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي تعاون جي لاءِ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني ??انڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.