ڪراچي – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري زوب ۾ شهرين جي گاڏين تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ??اري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان ??لي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم شهر??ن کي نشانو بڻائڻ درندگي آهي، ڏوهار??ن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ذميوار??ن کان واقف آهي ۽ ان??ن جي پاسداري جي لاءِ پرعزم آهي.