پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? لي??ي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صد?? اسپتال جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد اعظم خان به هو. صدر زخمي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ??ار??هيندي ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌماڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.