اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ک?? ٽيليفون ڪئي ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم اتحادي اڳواڻن سان ملڪي سياسي صورتحال تي به مشاورت ڪئي.