اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سا?? مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سا?? گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو.