اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خ??وص?? ماڻهن جي لاءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي لاءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم واري وفاقي وزارت انهن کي معياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي لاءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خ??وص?? ماڻهن کي خ??وص?? سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خ??وص?? ماڻهن جي سهولتڪاري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي زڪوات، عشر، سماجي ڀلائي، خ??وص?? تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي کاتي جي وزير انور زيب خان، سنڌ جي وڏي وزير جي ڊي اي پي کاتي بابت خاص معاون، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزارت، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي سماجي ڀلائي جي ادا??ن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ايليمنٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، پنجاب جي ليبر اينڊ هيومن ريسورس ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ۽ نيوٽيڪ، پاڪستان بيت المال جي نمائندي، ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن اسلام آباد، اين آئي آر ايم، ڊبليو ايڇ او ۽ نادرا جي عملدارن شرڪت ڪئي. گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد خان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صدر خ??وص?? ماڻهن جي لاءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي لاءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم واري وفاقي وزارت خ??وص?? ماڻهن کي معياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي لاءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردا ??دا ڪري، نصاب جي تياري لاءِ سمورين ڌرين بشمول صوبن، عالمي ۽ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ نجي شعبي سان مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسڪولن ۾ استادن ۽ خ??وص?? شاگردن جي تناسب کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. صدر چيو ته خ??وص?? ماڻهن جي معذوري جي ڏس ۾ انهن کي فراهم ڪري سگهجندڙ مهارتن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي، اشارن جي زبان، بريل، سافٽ ويئر جي تياري، ڪاروبار قائم ڪرڻ ۽ شين ۽ خدمتن جي آن لائن فراهمي جهڙين مهارتن سان خ??وص?? ماڻهن کي ليس ڪري سگهجي ٿو، خ??وص?? ماڻهن جي وڏي پئماني تي رجسٽريشن جي لاءِ هڪ تيز تر نظام تيار ڪرڻ جي ضرور آهي، خ??وص?? ماڻهن جي رجسٽريشن سان منصوبابندي ۽ ٻين خدمتن جي فراهمي جي لاءِ انگ اکر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر نادرا پاران خ??وص?? ماڻهن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ رجسٽريشن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا پاران ٽيليفون تي خ??وص?? ماڻهن جي معلومات ۽ رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خ??وص?? ماڻهن کي خ??وص?? سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته نادرا وٽ 6 لک جي لڳ ڀڳ رجسٽرڊ خ??وص?? ماڻهن جو انگ پاڪستان ۾ خ??وص?? ماڻهن جي آبادي جي حوالي سان اندازي کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي، خ??وص?? ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي حقن بابت تعليم ۽ معلومات جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس ميڊيا مهم جي ضرورت آهي. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي ادارا 2 کان 5 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان خ??وص?? ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جا پابند آهن، خيرات جي نيت سان خ??وص?? ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، خيرات جي نيت سان ڏني ويندڙ نوڪريون ملازمن جي وقار جي خلاف آهن ۽ ادارن جي لاءِ قدر ۾ اضافي جو سبب نه ٿيون بڻجن. اجلاس دوران نادرا پاران خ??وص?? ماڻهن جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نادرا چيئرمين طارق ملڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورن خ??وص?? ماڻهن کي معذوري جي عالمي نشان سان ايگزيڪيوٽو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، خ??وص?? ماڻهن سڄي عمر جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ڊگهي قطار ۾ انتظار کانسواءِ ترجيحي بنيادن تي جاري ڪيا پيا وڃن، خ??وص?? ماڻهن کي گهر تي رجسٽريشن جي سهولت جي لاءِ بائيڪ سروس پڻ جاري ڪئي وئي آهي، نادرا خ??وص?? ماڻهن کي ڀرتي ڪيو جن ووٽرز جون لسٽون ڪاميابي سان تيار ڪيون.