اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اث??ن جي حوالي سان مختصر دستاويزي پروگرام ڏيکاريو و??و. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو و??و ته متاثر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آهن، متاثر علائقن ۾ 90 سيڪڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بيواهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون درپيش آهن، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻا??ن جي پيدائش جي ??اء?? سهولتن جي ضرورت آهي، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ٻوڏ کان متاثر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو و??و ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻا??ن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ جي ??اء?? ريسڪيو ۽ بحالي جي ضرورت آهي.