اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ??يو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضائيه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ خصوصي دعائن سان ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ??يئ?? هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ??يئ?? وائيس مارشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ??يئ?? فورس پرچم ڪشائي ڪئي جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي تران?? ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ??يئ?? چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ??يو.