چنيوٽ – 12 8211; آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر چيو آهي ته جشن آزادي ڊائمنڊ جوبلي ڀرپور انداز ۽ جوش ۽ ج??بي سان ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سمورن انتظامن ??ي حتمي شڪل ڏني وڃي. اها ڳالهه هن آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي حوالي سان انتظامن جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بلال بن عبدالحفيظ، ??ي او ايجوڪيشن ملڪ ظفر عباس ريحان، ??ي او هيلٿ ڊاڪٽر مشتاق بشير عاڪف، ??ي اوز ايم سيز ۽ ٻين سمورن کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته 14 آگسٽ جشن آزادي ڊائمنڊ جوبلي جي مرڪزي تقريبن ميونسپل ڪميٽي چنيوٽ جي سبزه زار ۾ ٿيندي جتي پرچم ڪ??ائي ڪئي ويندي. هن ??ي او ايجوڪيشن کي پڻ اسڪولن ۾ آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون سيمينارز منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن کي هدايتڪ ئي ته سمورين سرڪاري عمارتن تي لائٽنگ ڪرائين ۽ سبز هلالي جهنڊا ۽ جهنڊيون لڳايون وڃن.