اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائڻ جي ??اءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز ش??يف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻيلو کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي ??تنئي، مينگوره ۾ باهه وسائي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچائڻ جي ??اءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وسائڻ جي ??اءِ فضائي امداد فوري فراهم ڪئي وڃي.